يوٽيليٽي اسٽورن تي اٽو، کنڊ ۽ چانور عام مارڪيٽ کان مهانگا وڪرو ٿيڻ لڳا

اسلام آباد: ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي اٽو، کنڊ ۽ چانور عام مارڪيٽ کان مهانگي اگهن تي وڪرو ٿي رهيا آهن.

انگن اکرن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2840 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ 20 ڪلو اٽهي جو ٿيلهو 2792 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب سيلا چانور عام مارڪيٽ جي نسبت يوٽيليٽي اسٽورز تي 53.40 روپيه مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي. عام مارڪيٽ ۾ سيلا چانور 317 روپيه في ڪلو ملي رهيو آهي جڏهن ته يوٽيليٽي اسٽورز تي في ڪلو سيلا چانور 370 روپين جو آهي.

اڇا چڻا به عام مارڪيٽ جي نسبت يوٽيليٽي اسٽورز تي 13.53 روپيه مهانگا وڪرو ڪيا پيا وڃن. مارڪيٽ ۾ اڇا چڻا 391 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي اڇا چڻا 405 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن  

ان کان علاوه يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ به عام مارڪيٽ جي نسبت 9 روپيه مهانگي وڪرو ڪئي پئي وڃي. يوٽيليٽي اسٽورز تي کنڊ جي قيمت 155 روپيه في ڪلو آهي جيڪا مارڪيٽ ۾ 146 روپيه ڪلو جي حساب سان حاصل ڪري سگهجي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔