نر ٻار پيدا ڪرڻ وارو ڪروموزوم تيزي سان زوال پذير

اسلام آباد: سائنسدانن تازي تحقيق ۾ ٻڌايو آهي ته نر ٻار پيدا ڪرڻ وارو ڪروموزوم واءِ تيزي سان زوال پذير آهي خيال آهي ته 45 لک سالن بعد شايد هي جزو مڪمل طور ختم ٿي وڃي. نيچر نالي سائنسي جرنل ۾ شايع ٿيل تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جي متبادل طور نئون جين جنم وٺي سگهي ٿو. رپورٽ موجب سٺي خبر اِها آهي ته ڪوئن جون ٻه شاخون اهڙيون آهن جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجو Y ڪروموزوم وڃائي چڪيون آهن

نيشنل اڪيڊمي آف سائنس جي پروسيڊنگس ۾ هڪ تازو پيپر ٻڌائي ٿو ته ڪيئن اسپائني چوٿون هڪ نئين نر جو تعين ڪندڙ جين ٺهي ٿو. ياد رهي ته انسانن سميت ڪيترن ميملز ۾ ايڪس ۽ واءِ ڪروموزومز هوندا آهن. پر ڪيترن پکين، ڏيڏرن، مڇين ۽ نانگن ۾ ڪروموزومز مختلف هوندا آهن. آهي. ڪيئن Y ڪروموزوم انساني جنس کي طئي ڪري ٿو. انسانن جيان ميملز جي مادي جنس ۾ ٻه X ڪروموزوم هوندا آهن ۽ نر وٽ هڪ واحد X ۽ هڪ ننڍڙو ڪروموزوم Y سڏيو ويندو آهي. اهڙن نر مادي جي ميلاپ سان Y ڪروموزوم 12 هفتن بعد نر ٻار جي شڪل اختيار ڪندو آهي. واءِ ڪروموزوم جي نشاندهي نوجوان آسٽريلوي سائنسدان 1990 ۾ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔