زلمي جي پهرين ڪاميابي ملتان کي 5 رنسن تان شڪست

ملتان: پشاور زلمي ملتان سلطانز کي دلچسپ مقابلي بعد 5 رنسن تان شڪست ڏئي ميچ کٽي ورتي. آخري اوو نوين الحق ڪرايو جنهن کي افتخار چوڪو ۽ ڇڪو ته هنيو پر هن 2 وڪيٽون ورتيون ۽ آخري بال تي آخري وڪيٽ وٺي ملتان جي اميدن تي پاني ڦيري ڇڏيو. پشاور پهريون ڀيرو ميچ کٽي ۽ ملتان پهريون ڀيرو هارايو. ملتان پاران ياسر خان 43 رنز ٺاهيون ۽ محمد رضوان زيرو تي آئوٽ ٿي ويو.ريزا هيندرڪس 28، ڊيوڊ ملن 52، خوشدل 5 ۽ افتخار احمد 16، اسامه مير 12 عباس آفريدي 11 رنسون ٺاهيون. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ سيزن 9 ۾ پشاور زلمي ملتان سلطانز کي ميچ کٽڻ لاءِ 180 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پشاور زلمي مقرر 20 اوورن ۾ 8 رانديگرن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهيون، حسيب الله 37 ۽ بابر اعظم 31 رنسن جي اننگز کيڏي. ان کان علاوه رومين پاول 23، محمد حارث 19، پال والٽر 1، آصف علي 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ليوڪ ووڊ 17 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ملتان سلطانز طرفان ڊيوڊ ولي، محمد علي ۽ اساما مير 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته شاهه نواز ڏاهاڻي ۽ عباس آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي پر پشاور زلمي 3 تبديليون ڪيون آهن. ڪيڊمور عامر جمال ۽ محمد ذيشان جي جاءِ تي حسيب الله، پال والٽر ۽ نوين الحق کي زلمي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔