ڀارتي اداڪار سونو سود پاڪستاني مداح سان ملڻ بعد جذباتي

استبول:مشهور ڀارتي اداڪار سونو سود ترڪي جي شهر استنبول ۾ پاڪستاني مداح سان ملاقات کانپوءِ جذباتي ٿي ويو.سونو سود فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پاڪستاني مداح سان گڏ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي.هن تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته تازو ئي استنبول ۾ منهنجي ملاقات هڪ فرشتي سان ٿي جيڪا پاڪستان جي هئي.ڀارتي اداڪار لکيو ته مون کي هن جو نالو ياد ناهي پر هن مون کي ڏسندي ئي ڀاڪر پائي 20 پائونڊ جو نوٽ هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته ”منهنجا پٽ تون غريبن لاءِ وڏو ڪم ڪري رهيو آهين“.مان ڪنهن ضرورتمند جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان.هن پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ لکيو ته مان سندس ان قدم کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ اهو 20 پائونڊ منهنجي لاءِ هڪ ملين ڊالرن کان به وڌيڪ قيمتي آهي.واضح رهي ته ڀارتي اداڪار سونو سود اداڪاري کان علاوه سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ مشهور آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔