سنڌ اسيمبلي جي نئين چونڊجي آيل ميمبرن قسم کڻي ورتو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي نئين چونڊجي آيل ميمبرن قسم کڻي ورتو .سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 40 منٽن جي دير سان اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ، جنهن جي باقاعدي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي جنهن کانپوءِ نعت مقبول پيش ڪئي وئي .

آغا سراج دراني نئين چونڊجي آيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کان قسم کڻايو ، قسم کڻڻ وارن ۾ نامزد وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، ناصر حسين  شاهه ۽ ٻيا شامل آهن . ميمبرن انگريزي ، اردو ۽ سنڌي ۾ قسم کنيو .سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان 114 جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، جڏهن ته 36 ميمبرن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آهي ، اڄ 148 ميمبرن قسم کنيو ۽ مجموعي طور تي 13 ميمبر قسم کڻائڻ واري تقريب ۾ شامل نه ٿيا .پي ٽي آءِ جا حمايت يافتا آزاد اميدوار قسم کڻڻ نه آيا جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ جي ڊي اي جا ميمبر به قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شريڪ نه ٿيا .ٻئي پاسي جي ڊي اي پاران سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ،پوليس احتجاج ۾ شريڪ مردن ۽ عورتن تي ڪڙڪي پئي ، ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتارڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔