موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي:ڪراچي ۾ مغربي هوائن جي سسٽم تحت برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جي داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ برسات پئجي سگهجي ٿي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 25 فيبروري تي مغربي هوائن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. مذڪوره سسٽم جي اثر هيٺ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسم جو حال ٻڌائيندڙن چيو آهي ته ڪراچي ۾ به انهي سسٽم جي اثر هيٺ برسات پوڻ جو امڪان آهي ۽ اهو سسٽم 27 فيبروري تائين اثر انداز رهندو.

موسميات کاتي اسلام آباد ۾ به کنوڻ سان وڌيڪ برسات، گليات ۽ ڀرپاسي ۾  برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال ۽ لاهور ۾ به وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

ڏکڻ بلوچستان ۾ به تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾  به تيز هوائون هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ايبٽ آباد، مانسهره ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ 3 ڏينهن کان جاري برسات ۽ برفباري سبب مختلف هنڌن تي روڊ بند ٿي ويا جڏهن ته بجلي ۽ مواصلات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي آزاد ڪشمير جي 7 ضلعن ۾ امڪان ملتوي ڪيا ويا آهن. برسات ۽ برفباري وڌيڪ هڪ ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔