190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد: 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي.

احتساب عدالت اسلام آباد ۾ مقرر ٿيندڙ نئين جج ناصر جاويد رانا جي اڃان تائين چارج نه وٺڻ سبب پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊز ريفرنس تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي جج نه هجڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي به هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ٿي وئي.

ياد رهي ته احتساب عدالت جي نئين جج ناصر جاويد رانا کي اڄ اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪرڻي هئي. گذريل ڪيترين ئي ٻڌڻين کان جج محمد بشير جي غير موجودگي سبب ٻڌڻي سواءِ ڪنهن عدالتي ڪارروائي جي ملتوي ٿيندي رهي. جڏهن ته ريفرنس جي پهرين ٻڌڻي ڪندڙ جج محمد بشير جي رٽائرمينٽ تائين موڪل سبب گذريل ڏينهن نئين جج جي مقرري ڪئي وئي هئي

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔