حڪومت سازي جا معاملا اڄ يا سڀاڻي طئي ٿي ويندا، حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين: فيصل ڪريم ڪنڊي

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو فيصلو آهي ته اسان حڪومت جو حصو نه  بڻجنداسين.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ۾ اڄ يا سڀاڻي تائين معاملا طئي ٿي ويندا.(ن) ليگ سان 16 مهينن جي اتحاد جو تجربو سٺو نه رهيو. چاهيون ٿا ته ماضي ۾ جيڪي مسئلا رهيا هاڻ مستقبل ۾ اهي نه ٿين.

هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جي منشور ۾ فرق آهي. پيپلز پارٽي جو منشور ان وقت لاڳو هوندو جڏهن  وزيراعظم انهن جي پارٽي مان هوندو، 3 سال ۽ 2 سال وزيراعظم بنجڻ وارو ڪوبه فارمولو نه هلندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته اسان تي پارٽي جو تمام وڏو پريشر آهي ته ڪابينه جو حصو به نه بڻجو ۽ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو فيصلو آهي ته اسان حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين. جڏهن ته  آئيني عهدن جي لاءِ  اليڪشن ۾ حصو وٺڻ اسان جو جمهوري حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته قيادت تمام جلد سنڌ جي وڏي وزير جو نالو فائنل ڪري ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔