زائره وسيم ساٿي اداڪاره جي وڇوڙي تي ڏکاري

ممبئي: اسلام جي خاطر بالي ووڊ ڇڏڻ واري اڳوڻي ڀارتي اداڪارا زائره وسيم به بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ”دنگل“ سان شهرت ماڻيندڙ مرحوم سوهاني ڀٽناگر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب زائره وسيم سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ ڪهاڻي شيئر ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي اداڪارا جي اوچتي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو.هن لکيو ته ”سهاني ڀٽناگر جي اوچتي موت جو ٻڌي مون کي تمام گهڻو صدمو رسيو آهي، منهنجون دعائون سهاني ڀٽناگر جي والدين سان گڏ هن ناقابل يقين حد تائين ڏکي وقت ۾ آهن“هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دل اهو سوچيندي درد سان ڀرجي وئي آهي ته سهاني ڀٽناگر جا والدين هن ڏکئي وقت ۾ ڪيئن پاڻ کي سنڀالي رهيا آهن، پنهنجي ڌيءَ جي موت کي ڪيئن برداشت ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔