قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 جي پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو عمل جاري

پشاور: خيبرپختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي 6 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وفقي جي جاري رهندو.

اليڪشن ڪميشن موجب 7 فيبروري جي ڏينهن اين اي 43 ٽانڪ، ڊيره اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انهن 6 پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ نه ٿي سگهي هئي.

لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ پاڪ فوج جي دستن کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ انهي تڪ ۾ ٿيندڙ پولنگ ۾ آزاد اميدوار داور ڪنڊي 63 هزار 556 ۽ اسد محمود 62 هزار 730 ووٽ حاصل ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔