اسرائيل غزه ۾ قتل عام ڪري هٽلر جو ڪردار ادا ڪري پيو، برازيل

براسيليا: برازيل جي صدر غزه ۾ نسل ڪشي کي هولوڪاسٽ سان تشبيهه ڏني آهي.اديس ابابا کان خبرون ڏيندڙ اداري موجب برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا اها ڳالهه ايٿوپيا ۾ آفريڪن يونين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي.هن چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماضي ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. تاريخ غزه ۾ ان وحشیانه جنگ جو مثال نٿي ڏئي سگهي.صدر لولا ڊي سلوا چيو ته غزه جي جنگ ائين ئي آهي جيئن هٽلر يهودين سان ڪيو.هن اهو به چيو ته غزه ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو نسل ڪشي آهي. اسرائيل غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام ڪري هٽلر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.صدر لولا ڊي سلوا جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو فوجين خلاف فوجين جي جنگ ناهي. اهو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن جي خلاف انتهائي جديد فوج جي جنگ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔