جماعت اسلامي جو پي ٽي آءِ سان سهڪار کان کتو جواب

جماعت اسلامي خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته پي ٽي آءِ وفاق ۾ ڪنهن ٻي جماعت سان سياسي اتحاد ڪيو آهي، رڳو خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان اتحاد جو ڪو به جواز نه آهي

هن چيو ته سهڪار جي ڳالهه ٻولهه ٻنهي حڪومتن بابت هئي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي هاڻي ڪا به نمائندگي نه رهي آهي، هاڻي جماعت اسلامي سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جو ڪو به جواز نه آهي، جماعت اسلامي سان رڳو ڪي پي ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي

هن چيو ته  حڪومت ٺاهڻ لاءِ قانوني طريقا ڏسي رهيا آهيون

گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ پاران وفاق ۽ پنجاب ۾ وحدت المسلمين سان اتحاد ۽ خيبر پختونخواهه ۾ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔