نئين وزيراعظم جي چونڊ 4 مارچ، صدارتي اليڪشن 8 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پاڪستان ۾ 2024 جون عام چونڊون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ مرحلو حڪومت سازي جو آهي جنهن ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي سميت ٻيون اتحادي پارٽيون اميدون لڳائي ويٺل آهن.

ذريعن موجب سمورن اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ ملڪ جي نئين وزيراعظم جي چونڊ 4 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ صدارتي اليڪشن 8 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ پهرين مارچ جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تي گهرائڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم چونڊ ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ ميمبرن جي ٽوٽل انگ ۾ سادي اڪثريت جي ضرورت هوندي آهي اسيمبلي ميمبرن جو ٽوٽل انگ 336 آهي جڏهن ته وزيراعظم کي چونڊڻ لاءِ 169 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

وزيراعظم جي چونڊ ۾ ووٽ ڪاسٽ  ڪرڻ جي بجاءِ هائوس کي 2 حصن ۾ ورهايو ويندو آهي هڪ اميدوار جي حق ۾ ميمبر هڪ گيلري جڏهن ته ٻئي اميدوار جي حق ۾ ميمبر ٻئي گيلري ۾ هليا ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔