بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 21  ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 13 زخمي

بلوچستان جي صوبائي تڪ پي بي 21  ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ واري تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 13 زخمي ٿي پيا آهن

علائقي واسين موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل ۽ زخمي بي اي پي اميدوار صالح ڀوتاڻي جا حامي آهن

مارجي ويلن ۾ سڪندر ۽ معراج شامل آهن، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پي بي 21 حب تان بي اي پي اميدوار محمد صالح ڀوتاڻي غير سرڪاري نتيجن موجب 30 هزار 910 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔