مريم، حمزه، خواجا آصف ۽ عون چوڌري جي ۾ ڪاميابي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز، حمزه شهباز، خواجا آصف ۽ عون چوڌري جي اليڪشن ۾ ڪاميابي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي آهي

مريم نواز جي اين اي 119 لاهور تان ڪاميابي خلاف مخالف اميدوار شهزاد فاروق جي وڪيل اعظم باجوا چيو ته اسان مها راڻي مريم نواز خلاف اليڪشن وڙهي آهي

 جسٽس علي باقر نجفي تنبيهه ڪندي چيو ته توهان اهڙا لفظ استعمال ڪندا ته مان ڪيس نه ٻڌندس

وڪيل اعظم باجوا جا اعظم نذير تارڙ سان به ڏند چڪ ٿي آهي

حمزه شهباز، خواجا آصف ۽ عون چوڌري خلاف به درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته درخواست داخل ڪرڻ جو پهريون فورم اليڪشن ڪميشن آهي

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته هڪ سئو کان وڌيڪ شڪايتون اليڪشن ڪميشن وٽ ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر آهن، اميدوارن جي ڪاميابي جي حتمي نوٽيفڪيشنس کانپوءِ اليڪشن ٽربيونل جو اعلان ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔