خيرات جي سيٽ نه کپي، حافظ نعيم الرحمان جو سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پي ايس 129 تان کٽيل سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته پي ايس 29 جي سيٽ مون نه پر پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار کٽي آهي، مون کي خيرات جي سيٽ نه کپي، جنهن جو حق آهي  ان کي ئي ڏنو وڃي

حافظ نعيم الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ کي سڀني کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن، اسان هنن جي مينڊيٽ کي تسليم ٿا ڪيون، مون ۾ ايترو ظرف آهي جو هارايل سيٽ پاڻ وٽ نه رکندس

مختلف تڪن تي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن کي ڌانڌلين ذريعي هارايو ويو آهي،  جعلي مينڊيٽ تي جشن ملهائيندڙن کي ٻڏي مرڻ گهرجي

اسان ڌانڌلين خلاف قانوني جنگ به وڙهنداسين ۽ عوام وٽ به وينداسين، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڏنڊي جي زور تي مينڊيٽ ڏنو ويو آهي، ڪراچي ۾ رڳو پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کي ووٽ پيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔