نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ وزير اعظم جي عهدي تي جنگ

مسلم ليگ نواز ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ حڪومت سازي بابت ڳالهين دوران وزيراعظم جي مقرري بابت اختلاف سامهون آيا آهن

بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيل ڳالهين دوران نواز ليگ جي وفد موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم مسلم ليگ نواز جو ئي ٿيندو

آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي سي اي سي بلاول کي وزيراعظم نامزد ڪري چڪي آهي

نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت وچ ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ذريعن موجب ملاقات دوران اڌ مدي لاءِ نواز ليگ ۽ اڌ مدي لاءِ پيپلزپارٽي جو وزيراعظم مقرر ڪرڻ واري تجويز جو به جائزو ورتو ويو

ذريعن موجب ٻنهي پارٽين جي قيادت وفاق، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به اتحادي حڪومتون ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو

ٻنهي جماعتن وچ ۾ ميثاق جمهوريت جي روشني ۾ 5 سالن جو روڊ ميپ طئي ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي وئي، پيپلزپارٽي مسلم ليگ نواز سان سياسي سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو

گذريل ڏينهن شهباز شريف جي سربراهي ۾ نواز ليگ جي وفد بلاول هائوس لاهور پهچي آصف علي زرداري ۽ بلاول سان ملاقات ڪئي

حڪومت سازي ۾ سهڪار جي درخواست، پ پ قيادت سي اي سي اجلاس ۾ مشاورت بعد جواب ڏيڻ جي خاطري ڪرائي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔