اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي وڌيڪ 26 سيٽن جا حتمي نتيجا روڪي ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 26 سيٽن جا حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چونڊن بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن  لاءِ 2 بينچ جوڙيا ويا. بينچ نمبر هڪ ۾ سنڌ جو ميمبر نثار دراني ۽ بلوچستان جو ميمبر شاهه محمد جتوئي، جڏهن ته بينچ نمبر 2 ۾ پنجاب جو ميمبر بابر حسين بهروانه ۽ خيبرپختونخواهه جو ميمبر اڪرام الله خان شامل آهن

سنڌ جي ميمبر نثار دراني چيو ته  جنهن کي شڪست ملي اهي جشن ملهائي رهيا آهن ۽ جيڪي کٽي ويا اهي ڌانڌلي جا الزام لڳائي رهيا آهن اهڙو رويو ڪيستائين جاري رهندو.  کٽڻ يا هارائڻ جمهوريت جو حسن آهي.

اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته ريٽرننگ آفيسر گهڻن تڪن جا حتمي نتيجا جاري ڪري چڪا آهن ان  موقعي تي نتيجا روڪڻ سان ايندڙ مرحلا دير جو شڪار ٿيندا. وڪيل بابر اعواڻ چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون صحيح ڪرايون ويون پر 9 فيبروري تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت نه پيو ڪريان. اليڪشن ڪميشن ڊسڪه ڪيس ۾ ريٽرننگ آفيسرن کي سخت سزائون ڏئي چڪو آهي. صرف نتيجا روڪڻ ڪافي نه آهي. جنهن به ريٽرننگ آفيسر حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

بابر اعواڻ اين اي 106 ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو جنهن تي اليڪشن ڪميشن اين اي 106 ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ حتمي نتيجا روڪيندي ريٽرننگ آفيسر کان رپورٽ گهري ورتي.

اين اي 71 سيالڪوٽ تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايته يافته اميدوار ريحانه ڊار جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي اليڪشن ڪميشن اين اي 71 جو نتيجو روڪيندي لاڳاپيل آر او کان رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن پي  پي 14 نصيرآباد، پي پي 4 ڪوئٽه، پي پي 33 گجرات، پي پي 126 جهنگ ۽ پي پي 7 سرگودها، پي پي 133 ننڪانه صاحب، پي پي 14 راولپنڊي، پي پي 43 منڊي بهاءُالدين، پي پي 12 راولپنڊي، پي پي 53، پي پي 4 اٽڪ، پي پي 121 ٽوبه ٽيڪ سنگهه، پي پي 279 ليه، پي پي 17 راولپنڊي ۽ پي پي 6 مري ۾ حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح اين اي 56 راولپنڊي، اين اي 53 راولپنڊي، اين اي 60 جهلم، اين اي 69 منڊي بهاءُالدين اين اي 57 راولپنڊي، اين اي 52 راولپنڊي، اين اي 126 لاهور، اين اي 127 لاهور، اين اي 71 ۽ اين اي اي 87 خوشاب جا حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔