پي پي ۽ ن ليگ ۾ سياسي استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق

لاهور : حڪومت سازي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سان مسلم ليگ (ن) جو پهريون باضابطه رابطو، مسلم ليگ (ن )جو صدر ميان شهباز شريف حڪومت سازي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کان سهڪار وٺڻ لاءِ بلاول هائوس لاهور پهچي ويو. پ پ جي صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان شهباز شريف وچ ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ڪيون ويون. مسلم ليگ (ن) جي وفد ۾ اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال، راڻا تنوير، خواجا سعد رفيق، ملڪ احمد خان، مريم اورنگزيب ۽ شازا فاطمه شامل آهن. حڪومت سازي ۾ تعاون بابت توهان جي تجويز تي سڀاڻي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ غور بعد جواب ڏينداسين. ٻنهي ڌرين چيو آهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو خاتمو آڻينداسين ۽ معاشي بهتري لاءِ هڪٻئي سان تعاون ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔