اين اي 71 تان خواجه آصف جي ڪاميابي ۽ فارم 47 جو نتيجو چيلينج

لاهور: آزاد اميدوار ريحانه ڊار سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 71 تان مسلم ليگ(ن) جي اميدوار خواجه آصف جي ڪاميابي ۽ فارم 47 جو نتيجو چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 71 تان آزاد اميدوار ريحانه ڊار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن ۽ خواجه آصف سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته خواجه آصف کي فارم 45 موجب شڪست ملي چڪي هئي. خواجه آصف مبينه ملي ڀڳت سان فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو. ريٽرننگ آفيسر مبينه طور تي خواجه آصف کي فاتح قرار ڏنو. فارم 45 جا نتيجا اسان وٽ موجود آهن.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته عدالت فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي حتمي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪي. آزاد اميدوار ريحانه ڊار درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي آهي ته عدالت ٻيهر اين اي 71 ۾ ڳڻپ جو حڪم ڏئي فارم 47 جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔