چونڊن سان پاڪستان ۾ بي يقيني واري صورتحال ختم،فافن

فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ (FAFN) اسلام آباد: 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن بابت ابتدائي مشاهدي جي تنظيم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. بريفنگ ڏيندي چيئرپرسن فافن مسرت چيو ته ملڪ ۾ 2 سالن جي افراتفري کانپوءِ چونڊون ٿيون، سياسي پارٽين برابر موقعن ۽ دهشتگردي جي خطرن باوجود چونڊن ۾ حصو ورتو.فافن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيل چونڊن ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن ووٽ ڏنو، اليڪشن ڪميشن چونڊ مشق ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي، پر ابتدائي نتيجن جي تياري ۽ نتيجن جو اعلان منظم طريقي سان ٿيو. فافن چيئرپرسن چيو ته چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ غير يقيني وارو دور ختم ٿي ويو آهي، هاڻي سياسي پارٽين جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾ استحڪام کي يقيني بڻائين، اليڪشن ڪميشن کي اميدوارن جي نتيجن تي خدشا جلد دور ڪرڻ گهرجن.آبزرويشن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ووٽر ٽرن آئوٽ 48 سيڪڙو رهيو، پولنگ اسٽيشن تي 63 سيڪڙو وڌيڪ ووٽر هئا، اهڙو ڪو به حلقو ناهي جتي عورتن 10 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ ڏنو، اليڪشن ۾ 12 عورتون چونڊون ٿيون جڏهن ته 8 آزاد اميدوار هئا. جن کي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي حمايت حاصل نه هئي.فافن رپورٽ موجب چونڊن ۾ سياسي پارٽين پنهنجو ووٽ بئنڪ برقرار رکيو، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو ووٽ بئنڪ وڌي ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ جو ووٽ بئنڪ برقرار رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔