پاڪستان ۾ عام چونڊون 2024: برطانيه، آمريڪا ۽ يورپي يونين جو رد عمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن تي برطانيه، آمريڪا ۽ يورپي يونين طرفان هڪ جهڙو ئي رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

برطانيه، آمريڪا ۽ يورپي يونين ٽنهي پنهنجي رد عمل ۾ پريشانين جي باوجود پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ تي پاڪستان جي عوام جي تعريف ڪئي، جڏهن ته عورت وووٽرز جي انگ ۾ اضافي کي خوشي جوڳو قرار ڏنو. ان سان گڏ ئي چونڊ عمل جي غير شفافيت تي اٿندڙ سوالن تي به گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

ٽنهي طرفان ليول پليئنگ فيلڊ نه هجڻ تي ڏک جو اطهار ڪمندي چيو ويو ته ڪجهه سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ  ڏنو ويو.  انهن کي گڏ ٿيڻ جي آزادي کان به محروم رکيو ويو.  رد عمل ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ويو ته اظهار جي آزادي تي آن لائن ۽ آف لائن آزادي نه ڏني وئي، چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ تي پابندي هڻي بند ڪيو ويو. چونڊ دوران سياسي دخل اندازي سبب سياسي گرفتاريون ٿيون جنهن تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي

پنهنجي رد عمل ۾ برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ ملڪ ۾ اهم اصلاحن لاءِ بااختيار سويلين حڪومت جي چونڊ ضروري آهي.  آمريڪي پرڏيهي وزير جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته چونڊ ڌانڌلي ۽ دخل اندازي وارن الزامن جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي. يورپي يونين طرفان به ساڳيو مطالبو ڪيو ويو.

يورپي يونين طرفان چيو ويو ته چونڊن کان اڳ پاڪستان کي دهشتگردي جي چيلينج کي منهن ڏيڻو پيو. هاڻ پاڪستان کي گهرجي ته هو جي ايس پي پلس جي رپورٽ ۾ ٻڌايل ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ لاءِ گهربل معاشي اصلاحن تي ڌيان ڏئي.

برطانيه، آمريڪا ۽ يورپي يونين پاڪستان جي نئين حڪومت سان ملي سيڪيورٽي، معيشت، انساني حقن ۽ گڊ گورننس واري ٽيم سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔