آرمي چيف ڪامياب چونڊون ٿيڻ تي قوم، حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي مبارڪباد ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: آرمي چيف سيد عاصم منير پاڪستان ۾ عام چونڊون 2024 جي ڪامياب ٿيڻ تي پوري پاڪستاني قوم، نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، سياسي پارٽين ۽ کٽيندڙ اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

آرمي چيف جنرل عاصم منير عام چونڊن جي حوالي سان پاڪستاني قوم جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام جو پنهنجي ووٽ جو حق آزاد طريقي ۽ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪرڻ جمهوريت جو ثبوت آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڳواڻن ۽ اهلڪارن پاران تمام گهڻين پريشانين جي باوجود چونڊ عمل کي محفوظ بنائڻ تي سڀني کان وڌيڪ تعريف جا مستحق آهن.

هن چيو ته قومي ميڊيا، سول سوسائٽي، سول انتظاميه ۽ عدليه جي ميمبرن جي ڪردار قومي تاريخ جي سڀني کان وڏي چونڊ مشن کي ڪامياب بنايو. سمورين جمهوري پارٽين جي گڏيل حڪومت پاڪستان جي  معيشت ۾ اهم ڪردار اداڪندي.

جنرل عاصم منير پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته  پاڪستان جي عوام پاڪستان جي آئين تي ڀروسي جو اظهار ڪيو هاڻ سمورين سياسي پارٽين تي فرض آهي ته هو سياسي پختگي ۽ اتحاد سان انهي جو جواب ڏين. اسان کي انهي ڳالهه تي غور ڪرڻ  گهرجي ته اڄ ملڪ ڪٿي بيٺل آهي.

آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته هي چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻينديون ۽ اسان جي پياري پاڪستان جي لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔