عوام سان ٺڳي ڪرڻ تي پونم پانڊي جا ڀاڳ کلي پيا، اهم عهدو ڏيڻ جو فيصلو

پنهنجي موت جي ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي هلائيندڙ ڀارت جي بولڊ اداڪارا ۽ ماڊل پونم پانڊي جا ڀاڳ کلي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب پونم پانڊي کي ڀارتي حڪومت سروائيڪل ڪينسر بابت مهم لاءِ خير سگالي سفير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي صحت واري وزير تصديق ڪئي آهي ته ان حوالي سان پونم پانڊي ۽ سندس ٽيم سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پونم پانڊي جي ٽيم طرفان سندس موت جي خبر هلائي وئي هئي جيڪا ڪوڙي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔