رضوان جا محمد حفيظ بابت دلچسپ انڪشاف

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ بابت وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان اهم خلاصو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کان سوال ڪيو ويو ته محمد حفيظ سان ساٿي ڪرڪيٽر طور کيڏي چڪا آهيو ۽ هاڻ هو قومي ٽيم مئنيجمينٽ ۾ آهي، ڇا ڪو فرق پوي ٿو؟ .
ان سوال جي جواب ۾ چيو ته مان محمد حفيظ کي ڊپارٽمينٽ ڪرڪيٽ واري زماني کان سڃاڻان ٿو ۽ مون کي ياد آهي ته ان دوران حفيظ انتظاميا کي چيو هو ته هي رانديگر بئنچ تي نه ويهندو.
هن انڪشاف ڪندي چيو ته ان وقت پاڪستاني ٽيم ۾ وڪيٽ ڪيپر طور عدنان اڪمل موجود هو پر محمد حفيظ چيو ته جيڪڏهن وڪيٽ ڪيپر طور نه کيڏس ته بيٽر طور کيڏايو ويندو پر بئنچ تي نه ويهاريو ويندو.
محمد رضوان چيو ته محمد حفيظ وٽان گهڻو ڪجهه سکيو آهي جنهن ۾ منهنجي ذاتي زندگي پڻ شامل آهي ۽ مان صرف ايترو چئي سگهان ٿو ته اِهو ضروري آهي اوهان کي ڪير سمجهڻ وارو هجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔