نوازليگ آزاد اميدوارن سان رابطي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

لاهور: مسلم ليگ(ن) عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوارن سان رابطي جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

ليگي پارٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته (ن) پنجاب ۽ مرڪز ۾ سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي. مسلم ليگ(ن) وفاق ۾ قومي اسيمبلي جون 73 سيٽون کٽي پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پيپلز پارتي قومي اسيمبلي جون 53 سيٽون کٽي ٻئي نمبر جي سياسي پارٽي طور اڀري سامهون آئي آهي.

مسلم ليگ(ن) وفاق ۾ پي ڊي ايم ٽو ٺاهڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. پارٽي اڳواڻ نوازشريف جي هدايت تي(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف اڳوڻي اتحادي پارٽين سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن گذريل رات پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان تفصيلي ملاقات به ڪئي هئي. جنهن ۾ وفاق ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ پنجاب ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جا معاملا بحث هيٺ آيا.

ٻئي پاسي شهباز شريف طرفان مولانا فضل الرحمان ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان به ٽيليفون تي رابطا ڪيا ويا آهن. شهباز شريف اڄ ٻيهر اهڙين شخصيتن سان رابطا ڪندو.

عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ آزاد اميدوارن سان رابطن جي لاءِ(ن) ليگ طرفان ٺاهيل ڪميٽي ۾ اسحاق ڊار، راڻا ثناءُالله ۽ اياز صادق کي به شامل ڪيو ويو آهي. پارٽي ذريعن موجب شهباز شريف جي هدايت تي مسلم ليگ(ن) جي ڪميٽي آزاد ميمبرن سان رابطا ڪندي جنهن کي مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جي دعوت ڏني ويندي. مسلم ليگ(ن) ۾ شامل ٿيندڙ آزاد ميمبرن کي وزارتون، مختلف کاتن جي سربراهي ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔