جيستائين پاڪستان مضبوط نه ٿيندو تيستائين سڪون سان نه ويهنداسين: نواز شريف

گوجرانوالا: مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان مچائي چون ٿا ته نوجوان طبقو ان سان گڏ، جڏهن ته پاڪستان جو اصل نوجوان اهو آهي جيڪو اسان سان گڏ آهي.
گوجرانوالا ۾ نون ليگ جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي بدتميزي جي طوفان مچائي چون ٿا ته يوٿ انهن سان گڏ آهي جڏهن ته پاڪستان جي اصل يوٿ اِها آهي جيڪا اسان سان گڏ آهي.
نواز شريف چيو ته سندس حڪومت دور ۾ موٽرسائيڪل، ٽريڪٽر، گئس، ماني، پيٽرول، اٽو، کنڊ ۽ ٻيون شيون سستيون هيون ۽ اڄ انهن جو قيمتون ڏسو، عوام تي ظلم ڪيو ويو آهي.
نون ليگ قائد وڌيڪ چيو ته اسان تيستائين سڪون سان نه ويهنداسين جيستائين پاڪستان مضبوط نه ٿو ٿئي، جيستائين گهرن ۾ روشني جا ڏيئا نه ٿا ٻرن، غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪنداسين، اسڪول اسپتال ۽ موٽري ٺاهينداسين، جيڪي واعدا ڪيا آهن پورا ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔