ميان صاحب ڀرسان تيز رفتار وين ڪلٽي، 4 مسافر فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

ميان صاحب: ميان صاحب ڀرسان جيڪب آباد کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ مسافر وين ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 4 مسافر فوت ٿي ويا آهن.

فيض محمد ڪانٽي ڀرسان مسافر وين تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ايمبولينس نه ھجڻ سبب لاشن کي لوڊر رڪشائن تي اسپتال اماڻيو ويو.

ميان صاحب حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ طارق علي پٽ عبدالنبي ٻرڙو، سجاد پٽ سردار خان سرڪي، اخوان محمد عمر لاشاري ۽ حافظ غلام نبي مستوئي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

حادثي دوران زخمين ۾ عبدالنبي، شمس الدين، علي  پٽ انيس جويو، عامر علي پٺاڻ، محمد امين، محمد موسيٰ، مسمات صبا ڌيءَ غوث بخش لاشاري ،سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي پرائيويٽ گاڏين تي شڪارپور ۽ جيڪب آباد اسپتال اماڻيو ويو. ھوڏانھن ميان صاحب پوليس ٻڌايو ته حادثو وين جو ايڪسل ٽٽڻ سبب پيش آيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔