تحريڪ انصاف عمران خان ۽ سندس گهر واري کي مليل سزا خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان ۽ سندس گهر واري کي مليل سزا خلاف اعليٰ عدالت ۾ فوري طور تي اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهر واري لنڊن منصوبي جي تحت سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ هڪ ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪئي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي انصاف جو قتل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته توشه خانه جا اصل ڏوهاري نوازشريف، زرداري ۽ گيلاني آهن جن کي اختيارين جهولي ۾ ويهاري رکيو آهي ۽ انهن جي مئل سياست کي زنده ڪرڻ لاءِ انصاف جو قتل ڪري عمران خان کي مائنس ڪيو پيو وڃي. ميرٽ ۽ مواد کان خالي جج جي انصاف جي بنيادن کان محروم اهو فيصلو به عدل ۽ انصاف جي ترازو تي بيهي نه سگهندو.

رئوف حسن چيو ته ڪمپرومائزڊ ججز جي ذريعي سياست ۽ رياست تي ظالمن جي قبضن جا سمورا منصوبا عوام 8 فيبروري تي مٽيءَ ۾ ملائيندو. ڪينگرو ڪورٽس جي ذريعي ملڪ مان عدل ۽ انصاف جو هڪ طرفو سلسلو جلد پنهنجي انجام تي پهچندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔