بيلٽ پيپرز جي کوٽ: اليڪشن ڪميشن ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:  بيلٽ پيپرز جي کوٽ سبب ڪجهه تڪن ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جي مسئلي تي هڪ هنگامي اجلاس ۾ غور فڪر کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته جن تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپرائي ڪرائڻي پئجي رهي آهي اتي ڇپائي جي سلسلي کي ملڪ جي ٻين تڪن جي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيو ويندو. پر ان جو دارومدار خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ ۽ وقت جي دستيابي سان گڏ پرنٽنگ پريسن جي طاقت سان جڙيل هوندو ۽ جيڪڏهن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ گهربل مقدار ۾ نه مليو ته ڪميشن وٽ انهن تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ کان  علاوه ٻيو ڪوبه حل نه رهندو.

اجلاس ۾ انهي ڳالهه تي به غور ڪيو ويو ته اهڙي وقت تي جڏهن چونڊن جي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪئي پئي وڃي. ان دوران ڪجهه تڪن ۾ ٻيهر بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ڪرائڻي پئجي رهي آهي جنهن لاءِ انهي مرحلي تي گهربل  خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي دستيابي ۽ وقت تي ڇپائي جي تڪميل هڪ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2018 جي عام چونڊن ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جي لاءِ 800 ٽن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ استعمال ٿيو هو. اتي 2024ع ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي هڪ وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي لڳ ڀڳ 2400 ٽن خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذن جي ضرورت پئي پر ڪميشن صورتحال جي سنگيني سبب بيلٽ پيپر جي سائز کي گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن سان خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي ضرورت 2170 ٽن رهجي وئي پر اهو انگ صرف هڪ ڀيرو بيلٽ پيپر جي ڇپائي لاءِ ڪافي مشڪل آهي.

ترجمان چيو ته اهڙي صورتحال سبب ڪجهه تڪن ۾ بيلٽ پيپرز جي ٻيهر ڇپائي جو وڌندڙ سلسلو ۽ انهي مقصد جي لاءِ گهربل خصوصي سيڪيورٽي ڪاغذ جي انهي مرحلي تي وقت تي دستيابي ۽ ڇپائي هڪ وڏو چيلينج بڻجي سامهون آيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔