لاهور: پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي ضمانت منظور، هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار

لاهور: لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن  ۽ عام چونڊن  لاءِ قومي اسيمبلي جي اميدوار صنم جاويد جي ضمانت درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي صنم جاويد جي ضمانت جو حڪمنامو جاري ڪيو.

صنم جاويد جي ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ پوليس شادمان ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان پنجاب پوليس چيو آهي ته صنم جاويد کي شادمان ٿاڻي منتقل ڪيو ويندو. کيس شادمان ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾  گرفتار ڪيو ويو آهي. انويسٽيگيشن پوليس صنم جاويد کي دهشتگردي جي ڪيس نمبر 768 ۾ گرفتار ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔