ڀارتي ٽينس ٽيم کي پاڪستان لاءِ ويزائون جاري

ممبئي: ڀارتي ٽينس ٽيم کي پاڪستان جو ويزا جاري ڪيو ويو آهي، نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن.ويزا جاري ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ٽينس ٽيم جي ڊيوس ڪپ لاءِ پاڪستان اچڻ يقيني آهي، ڀارتي ٽينس ٽيم 28 جنوري تي دهلي کان اسلام آباد پهچندي.ڀارتي ٽينس ٽيم هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد پهچندي، جنهن ۾ 7 رانديگر، 5 آفيسر شامل هوندا، جڏهن ته ڊيوس ڪپ جي ڪوريج لاءِ ڪجهه ڀارتي صحافين کي به ويزا جاري ڪيا ويا آهن.ڊيوس ڪپ جي گروپ ون ٽائي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت 3 ۽ 4 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آمهون سامهون ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔