ٻن پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث ڀارتي ايجنٽ گرفتار

اسلام آباد: پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته ٻن پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارتي ايجنٽ ملوث آهن ۽ ان جا اسان وٽ ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. پرڏيهي کاتي ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سيالڪوٽ ۽ راولا ڪوٽ ۾ ڀارت ’ڪرائي جا قاتل‘ استعمال ڪيا. اسين ڀارتي ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آهي جن ڀارتي ايجنٽن جي چون تي قتل جو اقرار ڪيو آهي. هن چيو ته هي عدالت کان مٿانهان قتل آهن. هن چيو ته 11 آڪٽوبر تي ڊسڪه، سيالڪوٽ ۾ شاهد لطيف کي مسجد ٻاهران قتل ڪيو ويو ۽ محمد رياض کي 8 سيپٽمبر تي مسجد ۾ راولا ڪوٽ ۾ ڀارتي ايجنٽن قتل ڪرايو. ٻنهي قتلن بعد ڀارتي ميديا ۽ سوشل ميڊيا ۾ قاتلن کي شاباس ڏيندي ڪاميابي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڀارتي ايجنٽن سوشل ميڊيا تي داعش ۽ ٽيلنٽ هنٽرز جي اڪائونٽس تان ڪرائي جي قاتلن کي ڀرتي ڪيو. هن ٻڌايو ته دبئي مان ڀارتي ايجنٽ يوگيش محمد عمير نالي هڪ مزدور معرفت پاڪستان ۾ ڪرمنلز سان رابطو ڪيو ۽ شاهد لطيف کي قتل ڪرايو.

محمد عمير 5 ٽارگيٽ ڪلرز ذريعي شاهد لطيف کي قتل ڪرائڻ بعد گزريل سال 12 آڪٽوبر تي ملڪ مان فرار ٿيڻ وقت گرفتار ڪيو ويو، جنهن ڀارتي ايجنٽن جي چوڻ تي رقم عيوض قتل جو اعتراف ڪيو. مسٽر سائرس ٻڌايو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن راولاڪوٽ ۾ قتل جي جوابدار محمد عبدالله علي ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڪيس عدالتن ۾ زير التوا آهن. هن جوابدار کي ڀارتي ايجنٽ اشوڪ ڪمار، آنند ۽ يوگيش ڀرتي ڪيو هو.

هڪ سوال تي هن چيو ته اسين ڀارتي ايجنٽن جا پاسپورٽ جا تفصيل جاري ڪريون ٿا ۽ ٽئين ملڪ مان جتان هو آپريٽ ڪن ٿا، ان سان معاملو اٿاريو آهي. هن چيو ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ سک اڳواڻن جي قتل بعد پاڪستان ۾ ڪشميري اڳواڻن جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا فورينزڪ ثبوت سامهون آيا آهن. عالمي برادري ڀارت جي منظم رياستي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي عالمي قانون موجب سندن خلاف ڪاروائي ڪري. هن چيو ته ڀارت جون اهڙيون حرڪتون گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔