فيسبڪ واهپيدار خبردار، لنڪس ذريعي معلومات ليڪ ٿيڻ جو خدشو

نيويارڪ: فيسبڪ واهپيدارن کي نئين فراڊ بابت خبردار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ماڻهن کي ڪنهن جي اوچتي موت جي خبر جي جعلي لنڪن تي ڪلڪ ڪرائيندي ڦاسايو پيو وڃي.رپورٽ موجب فيسبڪ تي پکڙيل فراڊ جي مهم جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ هيڪر ماڻهن کي ڦاسائڻ لاءِ پوسٽ ۾ لکن ٿا ته ”مون کي يقين نٿو اچي ته هو هليو ويو، آئون کيس گھڻو ياد ڪندس“ ۽ جعلي لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ ورغلائين ٿا.رپورٽ موجب اها لنڪ واهپيدارن کي هڪ ويب سائيٽ تي وٺي وڄي ٿي جتي سندن فيسبڪ جي سموري ڄاڻ چورائجي وڃي ٿي.ماهرن موجب اها مخصوص مهم تقريبن هڪ سال اڳ شروع ٿي جيڪا هيل تائين جاري آهي.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهڙي ڪنهن به شڪي لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔