چين طرفان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض رول اوو ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد؛ چين جو هڪ سال لاءِ 2 بلين ڊالر جو قرض جلد رول اوور ڪرڻ جو امڪان آهي،چين کان 2 بلين ڊالر جي قرض لاءِ رقم جمع ڪرائڻ جو وقت 23 مارچ 2024 تي پورو ٿيندو،نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ کي خط لکي 2 ارب ڊالرن جو قرض هڪ سال لاءِ رول اوور ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي،ذريعن موجب ناڻي واري وزارت ۽ چيني اختيارين وچ ۾ 2 ارب ڊالرز جي رقم جلد رول اوور ڪرڻ لاءِ رابطا آهن،ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم مالي سهڪار تي چين جو شڪريو به ادا ڪيو آهي،خط ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چين طرفان مشڪل معاشي صورتحال ۾ پاڪستان حڪومت کي قرض ادا ڪيو ويو،ذريعن موجب چين طرفان مجموعي طور تي 4 ارب ڊالرن جو قرض محفوظ ڪيو ويو آهي،چين کان 4 ارب ڊالرن جو قرض ملڻ سان پاڪستان جي پرڏيهي ادائيگين جو بار گهٽجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔