منهنجو ڪرڪيٽر ٿيڻ هڪ معجزو هو: محمد يوسف

لاهور:قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽر بڻجڻ منهنجي لاءِ معجزو هو. محمد يوسف تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آيو، جتي هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت ڳالهايو.هن چيو ته مان پروفيشنل ڪرڪيٽر جي حيثيت سان ڪيريئر شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته منهنجو تعلق انتهائي غريب گهراڻي سان هو جتي زندگي جون بنيادي ضرورتون به مشڪل سان پوريون ٿينديون هيون.اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته مان ڪرڪيٽ ڇڏڻ کانپوءِ درزي بڻجڻ لاءِ سلائي سکڻ شروع ڪيو، هڪ معجزو ٿيو ۽ مون کي مقامي ليگ ۾ ميچ کيڏڻ لاءِ چيو ويو ۽ مون ان ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي جنهن کانپوءِ مون کي موقعو مليو،هن چيو ته انگلينڊ ۾ ليگ کيڏڻ جو معاوضو نه مليو پر ان کانپوءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو مليو ۽ پوءِ قومي ٽيم ۾ شامل ٿيس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔