شاهه خاور پي سي بي وقتي چيئرمين جو عهدو سنڀالي ورتو

لاهور:شاهه خاور پي سي بي جي وقتي چيئرمين جو عهدو سنڀالي ورتو،ذريعن موجب شاهه خاور ڪرڪيٽ بورڊ جا روزمرهه جا معاملا به ڏسندو.ان کان اڳ ذڪا اشرف جي استعيفيٰ کانپوءِ پي سي بي جي آئين موجب پي سي بي جي باني اليڪشن ڪمشنر شاهه خاور جي هٿ ۾ اچي وئي هئي. پي سي بي جي آئين جي آرٽيڪل 7 جي سيڪشن 2 موجب جيئن ئي چيئرمين جو عهدو خالي ٿئي ٿو ته سمورا اختيار چيف اليڪشن ڪمشنر کي منتقل ٿي وڃن ٿا ۽ آئيني طور هو چئن هفتن اندر بورڊ جي چونڊ جو عمل مڪمل ڪرڻ جو پابند هوندو. نئون چونڊيل چيئرمين هڪ هفتي اندر پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔