ملڪ ۾ فلائٽ آپريشن شروع، ڪراچي کان پهرين اڏام رواني

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ کان محدود پيماني تي فلائٽ آپريشن جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ ڪراچي کان پهرين اڏام ٻنپهرن جو هڪ وڳي ڌاري روانو ٿي.رپورٽ موجب پي آءِ اي ۽ خانگي ايئرلائين اڄ کان مختلف شهرن ڏانهن اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ فلائٽ آپريشن شروع ٿي ويو آهي، ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور کان اڏامون بحال ٿي ويون آهن، اڏام کان اڳ جهاز ۾ اسپري کانپوءِ سول ايوي ايشن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي، 5 مخصوص ايئرپورٽس تي ملڪ اندر روانگي ۽ آمد تي ڊس انفيڪٽنٽ اسپري ڪيو ویو، ايئرپورٽ اسٽاف ۽ مسافر پارڪنگ ايرياز کان اڳتي نه وڃي سگهندا.پي آءِ اي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڏينهن جو هڪ وڳي ڪراچي کان پي آءِ اي جي پهرين اڏام لاهور رواني ٿي جڏهن ته خانگي ايئرلائين جي اڏام اسلام آباد رواني ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔