ملڪ ۾ ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 ماڻهو فوت

ڪراچي: ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1430 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 38 هزار 796 ٿي ويو، سموري ملڪ ۾ڪورونا وائرس وگهي حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 834 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 هزار 155 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ڪورونا وائس جي مريضن جو انگ 14 هزار 916 آهي، جڏهن ته بلوچستان جا 2 هزار 457 ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. پنجاب ۾14 هزار 201 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته ڪي پي ۾متاثرن جو تعداد 5 هزار 678 آهي. گلگت بلتستان ۾518 ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ورتل آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾105 ماڻهو بيماري ۾وٺجي ويا آهن. مختلف شهرن مان ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ بعد متاثرن جو انگ 38 هزار 796 کان وڌي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔