عراق ۾ ڦاٿل 250 کان وڌيڪ پاڪستاني ملڪ واپس پهچي ويا

اسلام آباد: پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن(پي آءِ اي) جو خاص جهاز عراق ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي کڻي ملڪ واپس پهچي ويو آهي. پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 710 جي ذريعي 250 کان وڌيڪ مسافر اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا.ذريعن موجب مسافر آئل اينڊ گيس سيڪٽر ۾ نوڪري ڪندا هئا ۽ ڪيترن ئي مهينن کان عراق ۾ ڦاٿل هئا. مسافرن کي طبي جانچ ۽ اسڪريننگ کان پوءِ کين سوهاوه ۽ جهلم جي قرنطينه مرڪز ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن(پي آءِ اي) جي خاص اڏام قطر ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي کڻي پشاور پهتي هئي. پي آءِ اي جي خاص اڏام ۾ 237 پاڪستاني ملڪ پهتا هئا.انتظاميه سمورن مسافرن کي شروعاتي اسڪريننگ کان پوءِ قرنطينه منتقل ڪري ڇڏيو هو. ان کان اڳ پي آءِ اي سعودي عرب جي لاءِ اڏامن جو شيڊول جاري ڪيو هو. پي آءِ اي جي اڏام سڀاڻي 14 مئي تي رياض کان 250 پاڪستانين کي کڻي لاهور جي لاءِ رواني ٿي. ڇنڇر جي ڏينهن پي آءِ اي جي هڪ ٻئي اڏام مديني کان 250 پاڪستانين کي کڻي ڪراچي پهچندي.18 مئي تي پي آءِ اي جي اڏام جده کان 250 پاڪستانين کي فيصل آباد آڻيندي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته 21 مئي کان پي آءِ اي جي اڏام دمام کان اسلام آباد جي لاءِ آپريٽ ٿيندي. ياد رهي ته پي آءِ اي وچ اوڀر جي اڏامن ۾ کاڌو فراهم ڪرڻ جي سروس بند ڪري ڇڏي آهي. پي آءِ اي جي اختيارين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته دبئي، ابو ظهبي، سعودي عرب، مسقط ۽ عمان جي اڏامن ۾ مسافرن کي کاڌو فراهم نه ڪيو ويندو.اختيارين جو چوڻ آهي ته اها پابندي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي قدمن تحت لاڳو ڪئي وئي آهي. پي آءِ اي جي وچ اوڀر جي اڏامن ۾ کاڌو فراهم ڪرڻ تي پابندي جا حڪم فلائٽ سروس طرفان جاري ڪيا ويا. قومي ايئرلائين جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڏام دوران مسافرن کي صرف پاڻي، سافٽ ڊرنڪ ۽ جوس فراهم ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔