وفاقي حڪومت ميڙ وارن هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ميڙ وارن هنڌن تي عوام کي ماسڪ ضرور پائڻو پوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي جو اعلان ڪندي ميڙ وارن هنڌن تي ماسڪ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت مڃيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي. ان لاءِ شهرين کي ايس او پيز تي عمل جي هدايت ڪئي وئي آهي.وفاق طرفان ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ميڙ وارن هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو جنهن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔