سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رُپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون ساڍا چار سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک سترنهن هزار نوَ سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس ڊالر جي قيمت ست ڊالر واڌ کانپوءِ 2055 ڊالر جو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن في تولي سون جي اگهه ۾ ساڍا نوَ سئو رُپيا اضافو ٿيو هو جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ به سون ٻارنهن ڊالر مهانو ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔