آمريڪا، ڪينيڊا ۽ برطانيه ۾ برفباري، تيز برساتن سبب زندگي جو نظام مفلوج

واشنگٽن: آمريڪا ڪينڊا ۽ برطانيه ۾ ٿڌ جي لهر، مختلف علائقن ۾ برفباري ۽ برساتن سبب زندگي جو نظام مفلوج ٿي ويو.

آمريڪي رياستن نيويارڪ نيو جرسي ۽ ڪنيڪٽي ڪٽ جي مختلف علائقن ۾ تيز برفباري ۽ طوفاني برساتن کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. سخت ٿڌ جي موسم ۾ مختلف هنڌن تي 50 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته برطانيه ۾ طوفان ۽ برساتن سبب هزارين گهر بجلي کان محروم ٿي ويا، ڪيترين ئي رياستن ۾ گرمي پد ڪاٽو کان هيٺ ڪري پيو.

ٻئي پاسي ڪينيڊا ۾ به  ٿڌ جي لهر جاري آهي، ڪينيڊا جي صوبي البرٽا جي شهر ايڊمنٽن ۾ ٿڌ جو 50 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو آهي. ايڊمنٽن ۾ ٿڌي هوائن سان گرمي پد ڪاٽو 53 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو ٿڌي موسم سبب ڪيتريون ئي فلائٽون پڻ متاثر ٿي ويون.

رڪارڊ ٿڌي موسم سبب اختيارين شهرين کي غيرضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف هلندڙ هفتي ڄمائيندڙ سيءَ جي ٿڌي موسم برطانيه کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. برطانوي موسميات کاتي موجب اسڪاٽش باني لينڊز ۾ گرمي پد ڪاٽو 10 ڊگري تائين ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته اربع تي لنڊن ۾ به برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اڱاري لاءِ موسميات کاتي سموري اسڪاٽ لينڊ، انگلينڊ ۽ ويلز جي ڪجهه حصن لاءِ برفباري ۽ تيز ٿڌين هوائن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. سخت ٿڌي موسم ۽ برفباري سبب مختلف علائقن ۾ ٽريفڪ، ريل ۽ فضائي سفر ۾ به پريشانين جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔