بصر، ٽماٽا ۽ چانور مهانگا، گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمت گهٽ ٿي وئي

اسلام آباد: ملڪ ۾ بصر، ٽماٽا، ٻارڻ جي ڪاٺي، داليون، وڏي جو گوشت، برائيلر مرغي، ايل پي جي سلنڊر ۽ چانورن جي قيمتن ۾ واڌ جڏهن ته فروٽ جي قيمت ۾ رڪارڊ حد تائين واڌ گڏيل طور تي مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان جي شماريات کاتي پاران مهانگائي تي ٻڌل هفتيوار جاري ڪيل رپورٽ موجب 11 جنوري 2024 جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڇنڇر جي دوران مهانگائي جي شرح گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 16.44 سيڪڙو جڏهن ته گذريل هفتي جي مقابلي ۾ اها شرح 01.36 سيڪڙو وڌي وئي آهي

ملڪ جي 17 وڏن شهرن ۾ 51 شين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو جنهن مان 21 شين جي قيمتن ۾ اضافو ۽ 8 شين جي قيمتن ۾ لاٿ جڏهن ته 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي.

ملڪ ۾ هلندڙ هفتي دوران بصر، ٽماٽا، آنا، ڪيلا، دال چڻا، دال ماش، دال مسور، وڏي جو گوشت، برائيلر مرغي، ڳڙ،  اٽو، ايري چانور9/6 باسمتي چانور، ٻارڻ جي ڪاٺي، ايل پي جي سلينڊر، چانهه جي پتي، اليڪٽرڪ چارجز، انرجي سيور ۽ ماچس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.

جڏهن ته پٽاٽا، ڪوڪنگ آئل، ويجيٽيبل گيهه کليل، ويجيٽيبل گيهه ٽن، مڱن جي دال، ٿوم، کنڊ ۽ کاڄري تيل جي قيمتن ۾ لاٿ واقع ٿي  آهي.

ڊبل روٽي، ننڍي جو گوشت، سگريٽ، ڳاڙهيون مرچون، تازو کير، ڏهي، خشڪ کير، پرنٽڊ لون، ڪپڙا، شرٽنگ، لوڻ، گيس چارجز، مردانه ۽ زنانه سينڊل، چپل، صابڻ، پيٽرول سپر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ لوڪل ڪال جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔