ڪراچي ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ گئس بحران شدت اختيار ڪري ويو ۽ شهر ۾ پائپ لائنز پريشر 12 پي ايس آءِ جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.

شهر جي مختلف علائقن ۾ گئس گم آهي، کاڌو پچائڻ ۾ تڪليف سان گڏ شهري ٿڌي موسم سبب به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

سوئي سدرن جي دعويٰ آهي ته گئس فيلڊز کان 65 ايم ايم سي ايف گئس جي آمد گهٽ ٿي آهي، سوئي سدرن سسٽم پريشر 60 بدران 12 پي ايس آءِ جي گهٽ ترين سطح تي آهي.

سوئي سدرن موجب صنعتن کي ڇنڇر، آچر بدران جمعي، ڇنڇر تي گئس بند هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔