سينيٽ قرارداد جي اڳيان پٺيان ڪير به هجي پر چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون:مريم اورنگزيب

لاهور:مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ جي قرارداد جي اڳيان پٺيان ڪير به هجي پر ان سان چونڊ عمل متاثر نه ٿيندو. مخالف پارٽيون روئين يا دانهون ڪن چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته سينيٽ ۾ ڪالهه جيڪا قرارداد منظور ٿي ان جي صرف(ن) ليگ طرفان مخالفت ڪئي وئي. پي ٽي آءِ سينيٽ ۾ قرارداد جي حمايت ڪئي. پي ٽي آءِ وارا سازش جي تحت پهريان لاهور هاءِ ڪورٽ ويا پوءِ سينيٽ قرارداد جو ساٿ ڏنو هي ماڻهو اندر چپ رهندا آهن ۽ ٻاهران روڄ پٽڪو ڪندا آهن.

هن چيو ته جيلن ۾ ويهي ڌمڪيون ڏيڻ بند ڪريو، اهڙن ماڻهن کي پاڪستان جي عوام ووٽ نه ڏيندي پاڪستان جي عوام کي چونڊون گهرجن هي ملڪ هاڻ 28 مئي وارن جي حوالي ٿي رهيو آهي. 9 مئي وارن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي. 9 مئي تي پوري ملڪ جو ساڙڻ جو چيو ويو. پوءِ چيو ويو ته ڪارڪنن اهو ڪيو، هاڻ ڪارڪن ڀوڳي رهيا آهن. اها ڍر انهن کي تڏهن ملي جڏهن 9 مئي جي دهشتگردن کي گڊ ٽو سي يو چيو ويو، اهڙن ماڻهن کي عوام سڃاڻي ٿي.

مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ(ن) چونڊن جي لاءِ تيار آهي.(ن) ليگ کي اليڪشن ڪميشن جي هدايت موجب 8 فيبروري تي فيصلو گهرجي. فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي. اسان اسيمبلين جي ٻاهران ڊرامو ڪرڻ وارا نه آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ جي قرارداد جي اڳيان پٺيان ڪير به هجي چونڊ شيڊول تي عمل ٿيندو، ٻيون پارٽيون روئين يا رڙيون ڪن چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. مسلم ليگ(ن) جي جلسن جو ايندڙ هفتي شيڊول طئي ٿيندو.

ياد رهي ته گذيل ڏينهن سينيٽ ۾ ملڪ ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔