وفاقي حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سان نئين سر معاهدو طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي جي مسودي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن موجب، ڪي اليڪٽرڪ مان ٽيرف ڊيفرنشل سبسڊي معاهدي جو مسودو گذريل مهيني منظور ڪيو ويو، اي سي سي معاهدي جي مسودي تي قانون واري وزارت سان به مشاورت جي هدايت ڪئي.
توانائي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزارت سبسڊي واري معاهدي جي قانوني نڪتن جو جائزو ورتو، قانون واري وزارت ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي جي مسودي کي قانوني قرار ڏئي ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، ڪي اليڪٽرڪ سان معادي جي صورت ۾ لاڳاپيل ڪمپني جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وڌندي، معاهدي سان توانائي واري شعبي جو گردشي قرض گهٽائڻ ۾ پڻ مدد ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔