ارب پتي واپاريءَ زال ۽ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو

بوسٽن: آمريڪي رياست ميساچوسٽس ۾ ڀارت ڄاول ڪاروباري پنهنجي 5 ملين ڊالر جي حويليءَ ۾ زال ۽ جوان ڌيءَ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.

آمريڪي ميڊيا موجب شاهاڻي حويلي مان ٽن ڄڻن جا لاش مليا آهن، جن جي سڃاڻپ ڀارت ڄاول 57 ورهين جي راڪيش، 54 ورهين جي ٽينا ۽ 18 ورهين جي آريانا جي نالي سان ٿي آهي.

پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته راڪيش ڪمل جي حويلي 19 هزار چورس  فوٽن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ 11 بيڊ ۽ 14 ڪمرا آهن ۽ اها حويلي رياست جي امير ترين ۽ محفوظ علائقي ۾ موجود آهي.

ان حويلي کي راڪيش ڪمل 2019ع ۾ 4 ملين آمريڪي ڊالرز ۾ خريد  ڪيو هو ۽ هاڻي ان جي ماليت 5.445 ملين آمريڪي ڊالرز آهي پر هڪ سال اڳ نيلامي ۾ ان کي 3 ملين آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ويو هو.

ٽينا ۽ راڪيEduNoVA  نالي تعليمي ادارو هلائي رهيا هئا. رڪارڊ مان خبر پوي ٿي ته جوڙو مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو. سندس ڪمپني 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي ۽ ڊسمبر 2021ع ۾ ختم ڪئي وئي هئي.

راڪيش ۽ ٽينا جي ڌيءَ آريانا مڊل بيرج ڪاليج جي شاگردياڻي هئي جنهن جو ساليانو خرچ 64 هزار 800 ڊالرز هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هيل تائين آپگهات کان اڳ قتل جي سببن جو تعين ناهي ٿي سگھيو. راڪيش ڪمل جي لاش وٽان هٿيار به مليو آهي جيڪو راڪيش جي نالي تي رجسٽرڊ نه آهي. ٽنهي جو موت انهيءَ بندوق سان ٿيو.

پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته بندوق جي مڪمل فرانزڪ ۽ بيلسٽڪس ٽيسٽنگ کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هٿيار جي اصل مالڪ جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔