سڊني ٽيسٽ: پاڪستان وائيٽ واش جي ويجهو، 68 رنسن تي 7 رانديگر آئوٽ

سڊني : سڊني ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ سخت ڏکيائين جو شڪار آهي ۽ 68 رنسن تي ست رانديگر آئوٽ ٿي چڪا آهن.
ٻي اننگز ۾ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب ڪئي پر عبدالله هڪ ڀيرو وري مچل اسٽارڪ جي پهرين ئي اوور ۾ ٻڙي تي بولڊ ٿي ويو جڏهن ته جوش هيزل ووڊ ڪپتان شان مسعود کي جي ٻئي اوور جي پهرين ئي بال تي پويلين ڀيڙو ڪيو.
صائم ايوب ۽ بابر اعظم ڪجهه مزاحمت ڪئي پر نوجوان صائم ايوب 33 رنسون ٺاهي نيٿن ليون جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو جڏهن ته بابر اعظم 23 رنسون ٺاهي ٽريوس هيڊ جي بال تي اليڪس ڪيري کي ڪيچ ڏئي ويٺو.
سعود شڪيل رڳو ٻن رنسن جو مهمان ثابت ٿيو جڏهن ته نائيٽ واچ مين ساجد خان ۽ سلمان علي آغا کاتو کولڻ بنا جوش هيزل ووڊ جو شڪار بڻيا.
ٽئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان ست وڪيٽن جي نقصان تي 68 رنسون ٺاهي ورتيون هيون ۽ پاڪستان جي آسٽريليا تي مجموعي سرسي 82 رنسون ٿي وئي آهي.
ان کان اڳ پاڪستان جي 313 رنس جي جواب ۾ آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 299 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گرين شرٽس کي پهرين اننگز ۾ 14 رنسن جي برتري حاصل ٿي.
پهرين سيشن ۾ آسٽريلوي بيٽر اسٽيو سمعٿ ۽ مارنس لبيوشين 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، آسٽريليا جي ٽين وڪيٽ 187 رنسن تي ڪِري، چوٿين وڪيٽ به 188 رنسن تي ڪِري، اسٽيو سمٿ کي مير حمزا آئوٽ ڪيو جڏهن ته مارنس لبيوشين سلمان علي آغا جو شڪار بڻيو.
پاڪستان طرفان عامر جمال شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڇهه وڪيٽون ورتيون جڏهن ته سلمان علي آغا ٻه، مير حمزا ۽ ساجد خان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔