سينيٽ 8 فيبروري واريون چونڊون ملتوي ڪرڻ واري قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: سينيٽ 8 فيبروري واريون چونڊون ملتوي ڪرڻ واري قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي . سينيٽر دلاور خان ملڪ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي قرارداد سينيٽ ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي ان ڪري 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون ملتوي ڪيون وڃن .

مسلم ليگ ن جي سينيٽر افنان الله قرارداد جي مخالفت ڪئي جڏهن ته پيپلز پارٽي به قرارداد جي حمايت ڪئي . قرارداد تي ووٽنگ جي وقت سينيٽ ۾ 12 ميمبر موجود هئا . پي ٽي آءِ جي گرديب سنگهه هڪ ڀيرو قرارداد جي حمايت ڪئي جڏهن ته ٻيو ڀيرو ان جي مخالفت ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔